
هيٺ ڏنل ڪهاڻي پڙھو يا ٻڌو
20:20تڏهن زبديءَ جي پٽن يعقوب ۽ يوحنا جي ماءُ پنهنجي ٻنهي پٽن سميت عيسيٰ وٽ آئي ۽ سندس پيرن تي ڪري عرض ڪرڻ لڳي. 21عيسيٰ کانئس پڇيو تہ ”تو کي ڇا گھرجي؟“ تنهن تي هُن چيس تہ ”سائين! واعدو ڪريو تہ جڏهن اوهان جي بادشاهي اچي تہ منهنجو هڪڙو پٽ اوهان جي ساڄي ۽ ٻيو کاٻي پاسي ويهي.“ 22تڏهن عيسيٰ سندس ٻنهي پٽن کي مخاطب ٿي چيو تہ ”اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ ڇا گھري رهيا آهيو. ڇا اوهين اهو پيالو پي سگھندا جيڪو آءٌ پيئڻ وارو آهيان؟“ انهن وراڻيو تہ ”هائو، ائين ڪري سگھون ٿا.“ 23تنهن تي عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”بيشڪ اوهين منهنجو پيالو پيئندا. پر پنهنجي ساڄي ۽ کاٻي پاسي ويهارڻ منهنجي اختيار ۾ نہ آهي. اهي جايون انهن جون آهن جن جي لاءِ منهنجي پيءُ تيار ڪيون آهن.“
24جڏهن ٻين ڏهن شاگردن اها ڳالهہ ٻڌي تہ اهي ٻنهي ڀائرن تي اچي ڪاوڙيا. 25 تنهن تي عيسيٰ انهن کي سڏي چيو تہ ”اوهين ڄاڻو ٿا تہ قومن جا سردار ۽ امير ماڻهن تي حڪم ٿا هلائين ۽ مٿن پورو اختيار رکن ٿا. 26 پر اوهان ۾ ائين نہ ٿيندو. اوهان ۾ جيڪو وڏو ٿيڻ چاهي تہ اهو اوهان جو خادم ٿئي. 27هائو، جيڪو اوهان ۾ اڳيان ٿيڻ گھُري تہ اهو اوهان جو غلام ٿئي. 28ساڳيءَ طرح ابنِ آدم بہ انهيءَ لاءِ نہ آيو آهي تہ ٻيا سندس خدمت ڪن، بلڪ انهيءَ لاءِ آيو آهي تہ پاڻ ٻين جي خدمت ڪري ۽ گھڻن کي بچائڻ واسطي پنهنجي جان عيوضي طور ڏئي.“
ٻن انڌن کي سڄو ڪرڻ
ڪهاڻيءَ کي پنهنجن لفظن ۾ بيان ڪرڻ لاءِ ٿورو وقت وٺو. اوهين ان کي وڏي آواز ۾ دهرايو يا ان کي لکو. جيڪڏهن اوهان کي ياد ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي تہ پوءِ ڪهاڻيءَ کي ٻيهر پڙهو يا ٻيهر ٻڌو.
جڏهن اوهان کي محسوس ٿئي تہ اوهين هن ڪهاڻيءَ کي پوريءَ طرح ڄاڻي چڪا آهيو تہ پوءِ ٿورو وڌيڪ وقت وٺو ۽ لکيل سوالن جي مدد سان ڪهاڻيءَ جو مطلب سمجھي سگھو.
Get Discovery Bible Studies on your phone
Discover copyright ©2015-2026 discoverapp.org
عام سنڌي ٻوليءَ ۾ پراڻو عهدنامو پهرين ڇپائي: 2007. عام سنڌي ٻوليءَ ۾ نئون عهدنامو پهرين ڇپائي: 1990, نظرثاني: 2021. عام سنڌي ٻوليءَ ۾ پراڻو ۽ نئون عهدنامو پهرين ڇپائي: 2021. © ڇپائيندڙ: پاڪستان بائيبل سوسائٽي انارڪلي لاهور 54000
Common Sindhi language Old Testament, First printing: 2007. Common Sindhi language New Testament, First printing: 1990. Common Sindhi language Old and New Testaments First Printing: 2022. © Pakistan Bible Society Anarkali, Lahore 54000