معلوم

سبق 23

ڇوٽڪارو: عيسيٰ مسيح جو مئلن کي جيئرو ڪرڻ

يوحنا 1:11-44

قدم 1: ڪهاڻي پڙھو

هيٺ ڏنل ڪهاڻي پڙھو يا ٻڌو

x1.0

لعزر جو موت

1:11 يهوديہ صوبي جي ڳوٺ بيت‌عنياہ ۾ لعزر نالي هڪ ماڻهو بيمار ٿي پيو. انهيءَ ڳوٺ ۾ مريم ۽ مارٿا نالي سندس ٻہ ڀينرون بہ رهنديون هيون. هيءَ مريم اها هئي جنهن خداوند عيسيٰ جي پيرن کي عطر مکي پنهنجي وارن سان سندس پير اُگھيا هئا. 3ٻنهي ڀينرن عيسيٰ کي چوائي موڪليو تہ ”خداوند! اوهان جو پيارو دوست بيمار آهي.“ 4عيسيٰ اهو ٻڌي چيو تہ ”لعزر جي اها بيماري موت واري نہ آهي، بلڪ خدا جي عظمت ظاهر ٿيڻ لاءِ آهي، تہ جيئن انهيءَ سان سندس فرزند جي بہ عظمت ٿئي.“

5 عيسيٰ جو لعزر ۽ سندس ڀينرن سان پيار هو. 6تنهن هوندي بہ لعزر جي بيماريءَ بابت ٻڌڻ جي باوجود هو جتي هو اتي ٻہ ڏينهن وڌيڪ ترسي پيو. 7پوءِ هن شاگردن کي چيو تہ ”هلو تہ وري يهوديہ ڏانهن هلون.“ 8تنهن تي شاگردن چيس تہ ”اي استاد! اڃا تازو ئي ماڻهو اوهان کي سنگسار ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا ۽ اوهين وري اوڏانهن ٿا هلو.“ 9عيسيٰ وراڻيو تہ ”ڇا ڏينهن جي روشني ٻارهن ڪلاڪ نہ هوندي آهي؟ سو جيڪڏهن ڪو ڏينهن جي وقت گھمندو تہ ٿاٻو نہ کائيندو، ڇاڪاڻ تہ هو دنيا جي روشنيءَ ۾ هلي رهيو آهي. 10پر جيڪڏهن ڪو رات جي اونداهيءَ ۾ گھمندو تہ ضرور ٿاٻو کائيندو، ڇاڪاڻ تہ هن کي روشني نہ آهي.“ 11پوءِ عيسيٰ وڌيڪ چين تہ ”اسان جو دوست لعزر ننڊ پيو آهي، پر آءٌ وڃي کيس ننڊ مان اٿاريندس.“ 12تنهن تي شاگردن چيس تہ ”اي خداوند! جيڪڏهن لعزر ننڊ ۾ آهي تہ بچي پوندو.“ 13عيسيٰ تہ لعزر جي موت بابت ٿي ڳالهہ ڪئي، پر هنن سمجھيو تہ عيسيٰ ننڊ ۾ سمهي آرام ڪرڻ بابت ٿو چوي. 14تنهنڪري عيسيٰ صاف چين تہ ”لعزر مري ويو آهي. 15آءٌ اوهان جي خاطر خوش آهيان جو اتي نہ هئس تہ جيئن اوهين ايمان آڻيو. هاڻي هلو تہ وٽس هلون.“ 16تنهن تي توما جنهن کي جاڙو بہ سڏيندا هئا، تنهن پنهنجي ساٿي شاگردن کي چيو تہ ”اچو تہ اسين بہ هلون تہ جيئن هن سان گڏ هلي مرون.“

عيسيٰ مسيح قيامت ۽ زندگي آهي

17جڏهن عيسيٰ بيت‌عنياہ ڳوٺ جي ويجھو پهتو تہ کيس معلوم ٿيو تہ لعزر کي دفن ڪئي چار ڏينهن گذري چڪا آهن. 18جيئن تہ يروشلم بيت‌عنياہ کان اٽڪل ٽي ڪلوميٽر پري هو، 19سو اتان ڪيترائي ماڻهو مارٿا ۽ مريم سان سندن ڀاءُ جو عذر ڪرڻ لاءِ آيا هئا.

20جيئن ئي مارٿا ٻڌو تہ عيسيٰ اچي رهيو آهي تہ هوءَ کيس ملڻ لاءِ اڳڀرو ويئي، جڏهن تہ مريم گھر ۾ ئي ويٺي رهي. 21مارٿا عيسيٰ کي چيو تہ ”اي خداوند! جيڪڏهن اوهين هتي هجو ها تہ منهنجو ڀاءُ نہ مري ها. 22پر آءٌ ڄاڻان ٿي تہ جيڪڏهن هاڻي بہ اوهين خدا کان جيڪو ڪجھہ گھرندا سو هو اوهان کي ڏيندو.“ 23تنهن تي عيسيٰ چيس تہ ”تنهنجو ڀاءُ وري جيئرو ٿيندو.“ 24مارٿا وراڻيو تہ ”آءٌ ڄاڻان ٿي تہ هو آخرت جي ڏينهن يعني قيامت تي سڀني مئلن سان گڏ وري جيئرو ٿي اٿندو.“ 25عيسيٰ کيس چيو تہ ”قيامت ۽ زندگي تہ آءٌ آهيان. جيڪو بہ مون تي ايمان رکي ٿو سو جيتوڻيڪ مري وڃي تہ بہ زندہ رهندو 26۽ جيڪو بہ جيئرو آهي ۽ مون تي ايمان ٿو رکي سو ڪڏهن بہ نہ مرندو. ڇا تنهنجو هن ڳالهہ تي ايمان آهي؟“ 27مارٿا وراڻيو تہ ”هائو، خداوند! منهنجو ايمان آهي تہ مسيح خدا جو فرزند، جيڪو دنيا ۾ اچڻو هو سو اوهين ئي آهيو.“

عيسيٰ مسيح جو روئڻ

28هن چوڻ کان پوءِ مارٿا موٽي ويئي ۽ پنهنجي ڀيڻ مريم کي پنهنجي منهن سڏي چيائين تہ ”ادي! استاد آيو آهي ۽ تو کي سڏي ٿو.“ 29اها ڳالهہ ٻڌڻ شرط مريم هڪدم اُٿي کڙي ٿي ۽ عيسيٰ وٽ ويئي. 30عيسيٰ اڃا تائين ڳوٺ ۾ ڪين پهتو هو، پر اتي ئي هو جتي مارٿا وڃي ساڻس ملي هئي. 31جيڪي ماڻهو مريم سان گھر ۾ ويٺا هئا ۽ دلداري پئي ڏنائونس، تن جڏهن مريم کي تڪڙو تڪڙو ٻاهر ويندي ڏٺو تڏهن سمجھيائون تہ هوءَ ڀاءُ جي قبر تي روئڻ ٿي وڃي، سو اهي بہ هن جي پٺيان اٿي هليا.

32جڏهن مريم عيسيٰ وٽ پهتي ۽ هن کي ڏٺائين تہ پيرن تي ڪري پيس ۽ چيائينس تہ ”اي خداوند! جيڪڏهن اوهين هتي هجو ها تہ منهنجو ڀاءُ مري ئي ڪين ها.“ 33عيسيٰ جڏهن مريم ۽ ساڻس گڏ آيل ماڻهن کي روئندي ڏٺو، تڏهن انهيءَ واقعي سبب کيس ڏاڍو رنج پهتو ۽ بيحد ڏک ٿيس. 34هن کانئن پڇيو تہ ”اوهان کيس ڪٿي دفن ڪيو آهي؟“ انهن وراڻيو تہ ”اي خداوند! هلي ڏسو.“ 35عيسيٰ روئي ڏنو. 36تنهن تي ماڻهو چوڻ لڳا تہ ”ڏسو، لعزر سان کيس ڪيڏو نہ پيار هو.“ 37پر انهن مان ڪن چيو تہ ”ڇا هي، جنهن انڌي ماڻهوءَ کي ديد ڏني هئي سو ائين ڪري نہ ٿي سگھيو جو لعزر اصل مري ئي نہ ها؟“

لعزر جو وري جيئرو ٿيڻ

38پوءِ عيسيٰ کي وري بہ رنج پهتو ۽ هو قبر تي آيو. اها قبر هڪ غار هئي جنهن جي منهن تي پٿر ڏنل هو. 39عيسيٰ چيو تہ ”هن پٿر کي پري هٽايو.“ فوتيءَ جي ڀيڻ مارٿا کيس چيو تہ ”اي خداوند! اندر تہ بانس هوندي، ڇاڪاڻ تہ هن کي دفن ڪئي چار ڏينهن گذري ويا آهن.“ 40عيسيٰ هن کي چيو تہ ”مون تو کي ڪين چيو هو تہ جيڪڏهن تون ايمان رکندينءَ تہ خدا جي عظمت ڏسندينءَ؟“ 41تڏهن هنن پٿر پري هٽايو. پوءِ عيسيٰ مٿي نهاري چيو تہ ”اي بابا! آءٌ تنهنجو شڪرگذار آهيان جو تو منهنجي ٻڌي آهي. 42آءٌ ڄاڻان ٿو تہ تون هميشہ منهنجي ٻڌندو آهين. پر هي ماڻهو جيڪي هتي بيٺا آهن، تن کي اهو ڏيکارڻ لاءِ آءٌ دعا ٿو گھران تہ جيئن اهي يقين ڪن تہ تو ئي مون کي موڪليو آهي.“ 43ائين چوڻ کان پوءِ عيسيٰ وڏي واڪي چيو تہ ”اي لعزر! ٻاهر نڪري اچ.“ 44تنهن تي مئل ماڻهو جيئرو ٿي ٻاهر نڪري آيو. هن جا هٿ ۽ پير ڪفن سان ٻڌل هئا ۽ سندس منهن رومال سان ويڙهيل هو. عيسيٰ انهن ماڻهن کي چيو تہ ”هن کي کوليو تہ گھمي ڦري.“

عيسيٰ مسيح خلاف سازش سِٽڻ

قدم 2: پنهنجن لفظن ۾ ڪهاڻي بيان ڪري ٻڌايو

ڪهاڻيءَ کي پنهنجن لفظن ۾ بيان ڪرڻ لاءِ ٿورو وقت وٺو. اوهين ان کي وڏي آواز ۾ دهرايو يا ان کي لکو. جيڪڏهن اوهان کي ياد ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي تہ پوءِ ڪهاڻيءَ کي ٻيهر پڙهو يا ٻيهر ٻڌو.

قدم 3: ڪهاڻيءَ جو مطلب معلوم ڪريو

جڏهن اوهان کي محسوس ٿئي تہ اوهين هن ڪهاڻيءَ کي پوريءَ طرح ڄاڻي چڪا آهيو تہ پوءِ ٿورو وڌيڪ وقت وٺو ۽ لکيل سوالن جي مدد سان ڪهاڻيءَ جو مطلب سمجھي سگھو.


Get it on Google Play
Download on the App Store

Get Discovery Bible Studies on your phone

Discover copyright ©2015-2026 discoverapp.org

عام سنڌي ٻوليءَ ۾ پراڻو عهدنامو پهرين ڇپائي: 2007. عام سنڌي ٻوليءَ ۾ نئون عهدنامو پهرين ڇپائي: 1990, نظرثاني: 2021. عام سنڌي ٻوليءَ ۾ پراڻو ۽ نئون عهدنامو پهرين ڇپائي: 2021. © ڇپائيندڙ: پاڪستان بائيبل سوسائٽي انارڪلي لاهور 54000
Common Sindhi language Old Testament, First printing: 2007. Common Sindhi language New Testament, First printing: 1990. Common Sindhi language Old and New Testaments First Printing: 2022. © Pakistan Bible Society Anarkali, Lahore 54000