معلوم

سبق 20

ڇوٽڪارو: عيسيٰ مسيح جو سچ جي واٽ ٻڌائڻ

لوقا 25:10-37 11:15-32

قدم 1: ڪهاڻي پڙھو

هيٺ ڏنل ڪهاڻي پڙھو يا ٻڌو

x1.0

25:10 تنهن کان پوءِ شريعت جو هڪڙو عالم اُٿي بيٺو ۽ عيسيٰ کي آزمائڻ لاءِ چيائين تہ ”اي استاد! آءٌ ڇا ڪريان جو دائمي زندگي حاصل ڪري سگھان؟“ 26تنهن تي عيسيٰ چيس تہ ”شريعت ۾ ڇا لکيل آهي؟ تون اهو پڙهي ڇا ٿو سمجھين؟“ 27 هن عيسيٰ کي وراڻيو تہ ”اهو لکيل آهي تہ ’تون خداوند پنهنجي خدا کي پنهنجي پوريءَ دل، پنهنجي پوريءَ جان، پنهنجي پوريءَ طاقت ۽ پنهنجي پوريءَ سمجھہ سان پيار ڪر‘ ۽ ’پنهنجي پاڙيسريءَ سان پاڻ جهڙو پيار ڪر.‘“ 28 تنهن تي عيسيٰ چيس تہ ”برابر، تو صحيح جواب ڏنو آهي. هاڻي وڃي ائين ئي ڪر تہ دائمي زندگي ملندءِ.“

29پر هن پاڻ کي صحيح ثابت ڪرڻ لاءِ عيسيٰ کان پڇيو تہ ”منهنجو پاڙيسري ڪير آهي؟“ 30عيسيٰ وراڻيو تہ ”هڪڙو ماڻهو يروشلم کان يريحو شهر ڏانهن پئي ويو تہ ڌاڙيلن ۾ وڃي ڦاٿو، جن ڪپڙا بہ لاهي ورتس ۽ سخت مار ڏيئي اڌ مئو ڪري ڇڏي ويس. 31اتفاق سان هڪڙو ڪاهن انهيءَ رستي کان پئي لنگھيو، تنهن جڏهن هن کي ڏٺو تہ پاسو ڪري هليو ويو. 32ساڳيءَ طرح هڪڙو لاوي بہ انهيءَ رستي سان آيو، سو بہ هن کي ڏسي پاسو ڪري هليو ويو. 33 پوءِ هڪڙو سامري سفر ڪندي اچي اتان لانگھائو ٿيو. ان جڏهن هن کي ڏٺو تڏهن کيس هن تي ڪهل آئي. 34هن وٽس اچي سندس ڦٽن تي زيتون جو تيل ۽ دارون مکي پٽي ٻڌس ۽ پنهنجي گڏهہ تي چاڙهي مسافرخاني ۾ وٺي آيس ۽ سندس خدمت ڪيائين. 35ٻئي ڏينهن تي چانديءَ جا ٻہ سڪا ڪڍي مسافرخاني واري کي ڏنائين ۽ چيائينس تہ ’هن جي خدمت ڪندو رهہ ۽ جيڪي وڌيڪ خرچ ٿئي سو آءٌ وري موٽي اچي ڏيندوسانءِ.‘“

36پوءِ عيسيٰ شريعت جي عالم کان پڇيو تہ ”هاڻي ڇا ٿو ڀانئين تہ اهو شخص جيڪو ڌاڙيلن ۾ وڃي ڦاٿو، تنهن جو هنن ٽنهي ڄڻن مان ڪير حقيقي پاڙيسري ٿيو؟“ 37تنهن تي شريعت جي عالم وراڻيس تہ ”اهو جنهن کي مٿس ڪهل آئي.“ عيسيٰ چيس تہ ”تون بہ وڃي ائين ئي ڪر.“

عيسيٰ مسيح جو مارٿا ۽ مريم جي گھر ۾ اچڻ

11:15عيسيٰ هيئن بہ چيو تہ ”هڪڙي ماڻهوءَ کي ٻہ پٽ هئا، 12جن مان ننڍي پٽ پيءُ کي چيو تہ ’اي بابا! ملڪيت مان جيڪو منهنجو حصو ٿئي ٿو سو مون کي ڏيو.‘ سو هن پنهنجي ملڪيت ٻنهي پٽن کي ورهائي ڏني. 13اڃا ڪجھہ ڏينهن ئي مس گذريا تہ ننڍو پٽ پنهنجو سڀ ڪجھہ ميڙي چونڊي ڪنهن ڏورانهين ملڪ جي سير تي نڪتو. اتي عيش عشرت ۾ پنهنجي سموري ملڪيت اُڏائي ڇڏيائين. 14جڏهن سڀ ڪجھہ ختم ڪري چڪو، تڏهن ان ملڪ ۾ اچي ڏڪار پيو ۽ هو بک مرڻ لڳو. 15سو هو انهيءَ ملڪ جي هڪڙي ماڻهوءَ وٽ وڃي نوڪر ٿي بيٺو، جنهن کيس پنهنجي ٻنين ۾ سوئرن چارڻ جو ڪم ڏنو. 16هو سوئرن وارو کاڌو کائي پيٽ ڀرڻ لاءِ تيار هو، پر اهو بہ ڪنهن نہ ٿي ڏنس. 17آخرڪار هن پاڻ سنڀاليو ۽ پنهنجيءَ دل ۾ خيال ڪيائين تہ ’منهنجي پيءُ جا تہ نوڪر بہ ڍاول ٿا رهن، پر آءٌ هتي بک پيو مران. 18آءٌ پنهنجي پيءُ وٽ ويندس ۽ کيس چوندس تہ ”اي بابا! آءٌ خدا جو ۽ اوهان جو ڏوهاري آهيان 19۽ هاڻي انهيءَ لائق نہ آهيان جو اوهان جو پٽ سڏايان. مون کي پنهنجي مزدورن مان هڪڙو سمجھي بيهاريو.“‘ 20سو هو اُٿي پنهنجي پيءُ ڏانهن روانو ٿيو. هو اڃا پري ئي هو تہ کيس ڏسي سندس پيءُ کي مٿس ڪهل آئي، سو ڊوڙي وڃي ڀاڪر پاتائينس ۽ چميائينس. 21تڏهن پٽ چيس تہ ’اي بابا! آءٌ خدا جو ۽ اوهان جو ڏوهاري آهيان ۽ انهيءَ لائق نہ آهيان جو اوهان جو پٽ سڏايان.‘ 22پر پڻس نوڪرن کي حڪم ڏنو تہ ’جلدي ڪريو، سٺي ۾ سٺو وڳو کڻي آڻي پهرايوس، سندس هٿ ۾ منڊي ۽ پيرن ۾ جتي پارايوس. 23هڪڙو ٿلهو متارو وهڙو آڻي ڪهو ۽ اچو تہ کائي پي خوشيون ملهايون، 24ڇاڪاڻ تہ منهنجو هي پٽ مري ويو هو ۽ هاڻي وري جيئرو ٿيو آهي. هو گم ٿي ويو هو ۽ هاڻي وري مليو آهي.‘ پوءِ اهي خوشيون ملهائڻ لڳا.

25انهيءَ وقت سندس وڏو پٽ جيڪو ٻنيءَ تي ويل هو سو موٽي آيو. جڏهن گھر جي ويجھو پهتو تڏهن ڳائڻ وڄائڻ جو آواز ٻڌائين. 26تڏهن هڪڙي نوڪر کي سڏي پڇيائينس تہ ’هي ڇا پيو ٿئي؟‘ 27تنهن تي نوڪر چيس تہ ’تنهنجو ڀاءُ صحيح سلامت گھر موٽي آيو آهي، تنهنڪري تنهنجي پيءُ ٿلهو متارو وهڙو ڪهايو آهي.‘ 28تڏهن هو ايڏو تہ ڪاوڙيو جو گھر ۾ اندر ئي نہ پيو وڃي. تنهن تي سندس پيءُ ٻاهر اچي کيس سمجھائڻ لڳو. 29پر هن پنهنجي پيءُ کي جواب ۾ چيو تہ ’ڏسو، سالن کان آءٌ هڪ ٻانهي وانگر اوهان جي خدمت ڪندو رهيو آهيان ۽ ڪڏهن بہ اوهان جي نافرماني نہ ڪئي اٿم، پر اوهان ڪڏهن مون کي ڇيلو بہ نہ ڏنو تہ وڃي پنهنجي سنگتين سان موجون ماڻيان. 30جڏهن تہ اوهان جو هي پٽ، جنهن ڪسبياڻين ۾ اوهان جي ملڪيت اڏائي ڇڏي، سو هاڻي آيو آهي تہ هن لاءِ ٿلهو متارو وهڙو ڪٺو اٿوَ.‘ 31تنهن تي پيءُ چيس تہ ’پٽ! تون تہ هميشہ مون سان گڏ آهين ۽ جيڪي منهنجو آهي سو سڀ تنهنجو ئي آهي. 32پر اسان کي تہ انهيءَ لاءِ شادمانو ۽ خوشي ملهائڻي آهي جو تنهنجو ڀاءُ، جيڪو مري ويو هو سو هاڻي جيئرو ٿيو آهي، جيڪو وڃائجي ويو هو سو هاڻي لڌو آهي.‘“

قدم 2: پنهنجن لفظن ۾ ڪهاڻي بيان ڪري ٻڌايو

ڪهاڻيءَ کي پنهنجن لفظن ۾ بيان ڪرڻ لاءِ ٿورو وقت وٺو. اوهين ان کي وڏي آواز ۾ دهرايو يا ان کي لکو. جيڪڏهن اوهان کي ياد ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي تہ پوءِ ڪهاڻيءَ کي ٻيهر پڙهو يا ٻيهر ٻڌو.

قدم 3: ڪهاڻيءَ جو مطلب معلوم ڪريو

جڏهن اوهان کي محسوس ٿئي تہ اوهين هن ڪهاڻيءَ کي پوريءَ طرح ڄاڻي چڪا آهيو تہ پوءِ ٿورو وڌيڪ وقت وٺو ۽ لکيل سوالن جي مدد سان ڪهاڻيءَ جو مطلب سمجھي سگھو.


Get it on Google Play
Download on the App Store

Get Discovery Bible Studies on your phone

Discover copyright ©2015-2026 discoverapp.org

عام سنڌي ٻوليءَ ۾ پراڻو عهدنامو پهرين ڇپائي: 2007. عام سنڌي ٻوليءَ ۾ نئون عهدنامو پهرين ڇپائي: 1990, نظرثاني: 2021. عام سنڌي ٻوليءَ ۾ پراڻو ۽ نئون عهدنامو پهرين ڇپائي: 2021. © ڇپائيندڙ: پاڪستان بائيبل سوسائٽي انارڪلي لاهور 54000
Common Sindhi language Old Testament, First printing: 2007. Common Sindhi language New Testament, First printing: 1990. Common Sindhi language Old and New Testaments First Printing: 2022. © Pakistan Bible Society Anarkali, Lahore 54000