معلوم

سبق 19

ڇوٽڪارو: عيسيٰ مسيح جو غير يھودين سان ملڻ

يوحنا 1:4-26 39-42

قدم 1: ڪهاڻي پڙھو

هيٺ ڏنل ڪهاڻي پڙھو يا ٻڌو

x1.0

1:4 عيسيٰ کي خبر پيئي تہ فريسين ٻڌو آهي تہ عيسيٰ يحيٰ کان وڌيڪ شاگرد ڪري رهيو آهي ۽ بپتسما ڏيئي رهيو آهي. 2جڏهن تہ حقيقت ۾ عيسيٰ پاڻ ڪنهن کي بہ بپتسما نہ ٿي ڏني، پر سندس شاگرد ڏيئي رهيا هئا. 3انهيءَ ڳالهہ جي ڪري عيسيٰ يهوديہ کي ڇڏي موٽي گليل علائقي ڏانهن روانو ٿيو.

4رستي ۾ کيس سامريہ جي علائقي وٽان لنگھڻو هو. 5 اتي هو سامريہ جي سوخار نالي هڪڙي شهر جي ويجھو اچي پهتو، جيڪو انهيءَ ٻنيءَ جي ڀر ۾ هو جيڪا يعقوب پنهنجي پٽ يوسف کي ڏني هئي. 6انهيءَ ٻنيءَ ۾ يعقوب جو کوهہ هو. عيسيٰ مسافريءَ جي ڪري ٿڪجي پيو هو، سو کوهہ جي ڀرسان ويهي رهيو. اهو اٽڪل منجھند جو وقت هو.

7‏-8ايتري ۾ اتي هڪ سامري عورت پاڻي ڀرڻ آئي. جيئن تہ عيسيٰ جا شاگرد شهر مان کاڌو وٺڻ ويا هئا، سو عيسيٰ انهيءَ کي چيو تہ ”مون کي پاڻي پيئار.“ 9 تنهن تي انهيءَ عورت کيس وراڻيو تہ ”تون يهودي ٿي ڪري مون سامري عورت کان ڪيئن ٿو پيئڻ لاءِ پاڻي گھرين؟“ هن ائين انهيءَ لاءِ چيو جو يهودي ماڻهو اهي ٿانوَ بہ ڪم نہ آڻيندا هئا، جيڪي سامري استعمال ڪندا هئا. 10عيسيٰ کيس وراڻيو تہ ”جيڪڏهن تو کي خدا جي بخشش جي خبر هجي ها ۽ ڄاڻين ها تہ تو کان پاڻي گھرڻ وارو ڪير آهي، تہ تون جيڪر هن کان پاڻي گھرين ها ۽ هو تو کي زندگيءَ جو پاڻي ڏئي ها.“ 11عورت کيس چيو تہ ”سائين! اوهان وٽ تہ ڪو ڏول ڪونهي ۽ کوهہ بہ اونهو آهي. پوءِ اوهين زندگيءَ جو پاڻي ڪٿان آڻيندا؟ 12ڇا اوهين اسان جي ڏاڏي يعقوب کان بہ وڏا آهيو، جنهن هي کوهہ اسان کي ڏنو هو؟ هِن مان هو پاڻ، سندس پٽ ۽ سندس مال سڀيئي پاڻي پيئندا هئا.“ 13عيسيٰ وراڻيو تہ ”جيڪو هي پاڻي پيئي ٿو تنهن کي وري اڃ لڳي ٿي. 14پر جيڪو پاڻي آءٌ ڏيندس سو جيڪڏهن ڪو پيئندو تہ ان کي وري اڃ نہ لڳندي. جيڪو پاڻي آءٌ کيس ڏيندس سو ان ۾ هڪ چشمو ٿي پوندو، جنهن مان زندگيءَ جو پاڻي نڪرندو رهندو. اهو کيس دائمي زندگي ڏيندو.“ 15تنهن تي انهيءَ عورت چيو تہ ”اي سائين! پوءِ مون کي اهو پاڻي ڏيو تہ جيئن مون کي وري اڃ نہ لڳي ۽ نہ وري هيترو پنڌ ڪري هتي پاڻي ڀرڻ اچان.“ 16تڏهن عيسيٰ چيس تہ ”وڃ ۽ پنهنجي مڙس کي وٺي اچ.“ 17پر عورت وراڻيس تہ ”مون کي تہ مڙس آهي ئي ڪونہ.“ عيسيٰ چيس تہ ”تو سچ چيو تہ تو کي مڙس ڪونهي، 18ڇاڪاڻ تہ تون پنج مڙس ڪري چڪي آهين ۽ هاڻي جنهن شخص وٽ تون رهين ٿي، سو تنهنجو مڙس نہ آهي.“ 19تنهن تي عورت کيس چيو تہ ”سائين! آءٌ سمجھان ٿي تہ اوهين ڪي نبي آهيو. 20اسان جا وڏا تہ هن سامهون واري جبل تي عبادت ڪندا هئا، پر اوهين يهودي چئو ٿا تہ ’جنهن جاءِ تي عبادت ڪرڻ گھرجي سا يروشلم ۾ آهي.‘“ 21عيسيٰ چيس تہ ”اي مائي! مون تي اعتبار ڪرين تہ اها گھڙي اچي رهي آهي جڏهن اوهين پيءُ جي عبادت نہ هن جبل تي، نڪي يروشلم ۾ ڪندا. 22اوهين سامري انهيءَ جي عبادت ڪريو ٿا جنهن کي اوهين نہ ٿا ڄاڻو. جڏهن تہ اسين يهودي انهيءَ جي عبادت ڪريون ٿا جنهن کي اسين ڄاڻون ٿا، ڇاڪاڻ تہ يهودين منجھان ئي ڇوٽڪارو آهي. 23پر اها گھڙي اچي رهي آهي، بلڪ هاڻي اچي پهتي آهي، جڏهن سچا عبادت ڪندڙ پاڪ روح ۽ سچ جي پيروي ڪندي پيءُ جي عبادت ڪندا. هائو، پيءُ بہ چاهي ٿو تہ اهڙا عبادت ڪندڙ هجن. 24خدا روح آهي، سو اهو ضروري آهي تہ عبادت ڪندڙ پاڪ روح ۽ سچ جي پيروي ڪندي سندس عبادت ڪن.“

25پوءِ عورت عيسيٰ کي چيو تہ ”مون کي خبر آهي تہ مسيح اچڻو آهي. سو جڏهن اهو ايندو تڏهن اسان کي سڀ ڳالهيون ٻڌائيندو.“ 26تنهن تي عيسيٰ چيس تہ ”اهو تہ آءٌ آهيان، جيڪو تو سان ويٺو ڳالهايان.“

39:4انهيءَ شهر جي گھڻن ئي سامرين ان عورت جي شاهديءَ جي ڪري عيسيٰ تي ايمان آندو، جنهن ۾ هن چيو پئي تہ ”جيڪي ڪجھہ مون ڪيو آهي سو سڀ هن مون کي ٻڌايو آهي.“ 40سو اهي سامري عيسيٰ وٽ آيا ۽ کيس عرض ڪيائون تہ ”اسان وٽ هلي مهمان ٿيو.“ تڏهن عيسيٰ ٻہ ڏينهن اتي رهيو.

41سندس ڳالهين جي ڪري ٻين بہ گھڻن ئي مٿس ايمان آندو. 42پوءِ اهي ان عورت کي چوڻ لڳا تہ ”هاڻي اسين رڳو تنهنجي چوڻ تي مٿس ايمان نہ ٿا آڻيون، پر اسان پاڻ کيس ٻڌو آهي ۽ ڄاڻون ٿا تہ حقيقت ۾ هيءُ ئي دنيا جو ڇوٽڪاري ڏيندڙ آهي.“

عملدار جي پٽ کي شفا ڏيڻ

قدم 2: پنهنجن لفظن ۾ ڪهاڻي بيان ڪري ٻڌايو

ڪهاڻيءَ کي پنهنجن لفظن ۾ بيان ڪرڻ لاءِ ٿورو وقت وٺو. اوهين ان کي وڏي آواز ۾ دهرايو يا ان کي لکو. جيڪڏهن اوهان کي ياد ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي تہ پوءِ ڪهاڻيءَ کي ٻيهر پڙهو يا ٻيهر ٻڌو.

قدم 3: ڪهاڻيءَ جو مطلب معلوم ڪريو

جڏهن اوهان کي محسوس ٿئي تہ اوهين هن ڪهاڻيءَ کي پوريءَ طرح ڄاڻي چڪا آهيو تہ پوءِ ٿورو وڌيڪ وقت وٺو ۽ لکيل سوالن جي مدد سان ڪهاڻيءَ جو مطلب سمجھي سگھو.


Get it on Google Play
Download on the App Store

Get Discovery Bible Studies on your phone

Discover copyright ©2015-2026 discoverapp.org

عام سنڌي ٻوليءَ ۾ پراڻو عهدنامو پهرين ڇپائي: 2007. عام سنڌي ٻوليءَ ۾ نئون عهدنامو پهرين ڇپائي: 1990, نظرثاني: 2021. عام سنڌي ٻوليءَ ۾ پراڻو ۽ نئون عهدنامو پهرين ڇپائي: 2021. © ڇپائيندڙ: پاڪستان بائيبل سوسائٽي انارڪلي لاهور 54000
Common Sindhi language Old Testament, First printing: 2007. Common Sindhi language New Testament, First printing: 1990. Common Sindhi language Old and New Testaments First Printing: 2022. © Pakistan Bible Society Anarkali, Lahore 54000