
هيٺ ڏنل ڪهاڻي پڙھو يا ٻڌو
عيسيٰ مسيح جو وري جيئرو ٿي اٿڻ
36:24هنن اڃا اهي ڳالهيون ئي پئي ڪيون تہ عيسيٰ خود اچي وچ ۾ بيٺن ۽ چيائين تہ ”اوهان تي سلامتي هجي.“ 37تڏهن هو خوف ۽ هراس ۾ ڀرجي ويا ۽ سمجھيائون تہ ڪو روح ٿا ڏسون. 38پر هن چين تہ ”ڇو پريشان ٿي ويا آهيو ۽ اوهان جي دلين ۾ ڇو وسوسا پيا جاڳن؟ 39منهنجي هٿن پيرن کي ڏسو تہ آءٌ اهو ساڳيو ئي آهيان. مون کي هٿ لائي جاچيو، ڇاڪاڻ تہ جهڙا هڏا ۽ ماس مون ۾ ٿا ڏسو، تهڙا روح ۾ ڪونہ ٿيندا آهن.“ 40ائين چئي هن کين پنهنجا هٿ ۽ پير ڏيکاريا. 41جيئن تہ خوشيءَ وچان انهن کي اڃا بہ اعتبار نہ پئي آيو ۽ هو تعجب ۾ ڀريل رهيا، تنهنڪري عيسيٰ چين تہ ”چڱو ڀلا، ڇا اوهان وٽ ڪا کائڻ جي شيءِ آهي؟“ 42تنهن تي هنن پڪل مڇيءَ جو ٻيرو آڻي ڏنس، 43جيڪو هن انهن جي سامهون ويهي کاڌو.
44پوءِ عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”اهي ئي ڳالهيون هيون جيڪي مون اوهان کي اڳ ۾ ٻڌايون هيون، جڏهن اڃا اوهان سان هئس، تہ مون بابت جيڪي بہ توريت، زبور توڙي ٻين نبين جي لکتن ۾ آهي، سو سڀ ضرور پورو ٿيندو.“ 45پوءِ پاڪ ڪلام کي سمجھڻ لاءِ هنن جا ذهن اُجاگر ڪندي 46کين چيائين تہ ”پاڪ ڪلام ۾ هيئن لکيل آهي تہ مسيح تڪليفون سهي مرندو ۽ ٽئين ڏينهن تي مئلن مان جيئرو ٿي اٿندو. 47پوءِ يروشلم کان وٺي سڀني قومن تائين هن جي نالي سان گناهن جي معافيءَ لاءِ توبهہ جي تبليغ ڪئي ويندي. 48اوهين پاڻ انهن ڳالهين جا شاهد آهيو. 49 ڏسو، آءٌ اوهان تي پاڪ روح نازل ڪرڻ وارو آهيان، جنهن جو منهنجي پيءُ واعدو ڪيو آهي. پر جيستائين اوهان کي آسمان مان انهيءَ جي طاقت عطا نہ ٿئي تيستائين شهر ۾ رهجو.“
عيسيٰ مسيح جو آسمان ڏانهن کڄي وڃڻ
50 پوءِ عيسيٰ انهن کي يروشلم کان ٻاهر ڪڍي بيتعنياہ ڳوٺ جي ويجھو وٺي آيو، جتي پنهنجا هٿ کڻي انهن لاءِ برڪت گھريائين. 51جيئن ئي هو انهن لاءِ برڪت گھري رهيو هو تہ کانئن جدا ٿيندو ويو، تان جو آسمان ڏانهن کڄي ويو. 52تڏهن هنن کيس سجدو ڪيو ۽ خوشيءَ وچان گدگد ٿيندا يروشلم ڏانهن موٽي ويا. 53اتي هيڪل ۾ هو لڳاتار خدا جا شڪرانا ادا ڪندا رهيا.
ڪهاڻيءَ کي پنهنجن لفظن ۾ بيان ڪرڻ لاءِ ٿورو وقت وٺو. اوهين ان کي وڏي آواز ۾ دهرايو يا ان کي لکو. جيڪڏهن اوهان کي ياد ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي تہ پوءِ ڪهاڻيءَ کي ٻيهر پڙهو يا ٻيهر ٻڌو.
جڏهن اوهان کي محسوس ٿئي تہ اوهين هن ڪهاڻيءَ کي پوريءَ طرح ڄاڻي چڪا آهيو تہ پوءِ ٿورو وڌيڪ وقت وٺو ۽ لکيل سوالن جي مدد سان ڪهاڻيءَ جو مطلب سمجھي سگھو.
Get Discovery Bible Studies on your phone
Discover copyright ©2015-2026 discoverapp.org
عام سنڌي ٻوليءَ ۾ پراڻو عهدنامو پهرين ڇپائي: 2007. عام سنڌي ٻوليءَ ۾ نئون عهدنامو پهرين ڇپائي: 1990, نظرثاني: 2021. عام سنڌي ٻوليءَ ۾ پراڻو ۽ نئون عهدنامو پهرين ڇپائي: 2021. © ڇپائيندڙ: پاڪستان بائيبل سوسائٽي انارڪلي لاهور 54000
Common Sindhi language Old Testament, First printing: 2007. Common Sindhi language New Testament, First printing: 1990. Common Sindhi language Old and New Testaments First Printing: 2022. © Pakistan Bible Society Anarkali, Lahore 54000