
هيٺ ڏنل ڪهاڻي پڙھو يا ٻڌو
1:5عيسيٰ ۽ سندس شاگرد گليل ڍنڍ جي ٻيءَ ڀر گراسينين جي علائقي ۾ اچي پهتا. 2اڃا عيسيٰ ٻيڙيءَ تان لٿو ئي مس تہ هڪڙو ڀوت ورتل ماڻهو غارن واري قبرستان مان نڪتو. 3هو قبرستان ۾ رهندو هو ۽ کيس زنجيرن سان بہ ڪو ٻڌي نہ ٿي سگھيو. 4هن کي ڪيترائي دفعا لوهہ جي ڪڙين ۽ زنجيرن ۾ ٻڌو ويو هو، پر هن انهن زنجيرن کي ٽوڙي ۽ ڪڙين کي ڀڃي ٽڪرا ٽڪرا ڪري ڇڏيو هو. ڪوبہ مٿس قابو پئجي نہ ٿي سگھيو. 5هو رات ڏينهن قبرستان ۽ ٽڪرن ۾ رڙندو وتندو هو ۽ پٿرن سان پاڻ کي رتوڇاڻ پيو ڪندو هو.
6هن عيسيٰ کي پري کان ڏسي ورتو، سو ڀڄي اچي سندس پيرن تي ڪري پيو 7۽ زور سان رڙيون ڪندي چوڻ لڳو تہ ”اي عيسيٰ، خدا تعاليٰ جا فرزند! تنهنجو مون سان ڪهڙو واسطو آهي؟ آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ خدا جي واسطي مون کي عذاب نہ ڏي.“ 8هن اهو انهيءَ ڪري ٿي چيو جو عيسيٰ کيس انهيءَ ماڻهوءَ مان نڪري وڃڻ لاءِ پئي چيو. 9عيسيٰ پڇيس تہ ”تنهنجو نالو ڇا آهي؟“ ماڻهوءَ جواب ڏنو تہ ”منهنجو نالو لشڪر آهي، ڇاڪاڻ تہ اسين گھڻا ڀوت آهيون.“ 10پوءِ هن ليلائيندي چيس تہ ”اسان کي هن علائقي مان تڙي نہ ڪڍ.“
11اتي ٽڪر جي پاسي ۾ سوئرن جو هڪ وڏو ڌڻ چري رهيو هو. 12سو عيسيٰ کي ڀوتن منٿ ڪئي تہ ”مهرباني ڪري اسان کي موڪل ڏيو تہ سوئرن ۾ گھڙي وڃون.“ 13عيسيٰ انهن کي موڪل ڏني ۽ ڀوت ماڻهوءَ مان نڪري سوئرن ۾ گھڙي ويا. تڏهن ٻہ هزار سوئرن جو اهو سڄو ڌڻ ٽڪر جي چوٽيءَ تان هيٺ ڌوڪيندو وڃي ڍنڍ ۾ پيو ۽ ٻڏي مري ويو.
14جيڪي ماڻهو سوئرن جو ڌڻ چاري رهيا هئا، سي ڀڄي ويا ۽ وڃي شهر ۽ ٻهراڙيءَ ۾ اها ڳالهہ ٻڌايائون. تڏهن ماڻهو هن واقعي کي ڏسڻ لاءِ نڪري آيا. 15هو عيسيٰ وٽ آيا ۽ ڏٺائون تہ جنهن ماڻهوءَ ۾ ڀوتن جو لشڪر هو سو اتي ويٺو آهي ۽ ڪپڙا پاتل اٿس ۽ پوري هوش حواس ۾ آهي. تڏهن سڀيئي ڊڄي ويا. 16جن اهو واقعو اکين سان ڏٺو هو تن کين ڀوتن ۽ سوئرن بابت سڄي ڳالهہ ڪري ٻڌائي. 17تنهن تي انهن عيسيٰ کي منٿ ڪندي چيو تہ ”مهرباني ڪري اسان جي علائقي مان هليا وڃو.“
18پوءِ جڏهن عيسيٰ ٻيڙيءَ ۾ چڙهيو پئي تہ جنهن ماڻهوءَ ۾ اڳ ڀوت هئا تنهن اچي منٿ ڪيس تہ ”مون کي بہ پاڻ سان وٺي هلو.“ 19پر عيسيٰ کيس اجازت نہ ڏني ۽ اٽلندو چيائينس تہ ”گھر مائٽن ڏانهن موٽي وڃ ۽ وڃي انهن کي ٻڌاءِ تہ خداوند تو لاءِ ڇا ڪيو ۽ ڪيتري قدر هو تو تي مهربان رهيو.“ 20تنهن تي اهو ماڻهو هليو ويو ۽ وڃي دڪاپلس جي شهرن ۾ ٻڌائڻ لڳو تہ عيسيٰ هن لاءِ ڇا ڪيو آهي. سو جن بہ اهو ٻڌو تہ حيران ٿي ويا.
يائرس جي ڌيءَ کي جيارڻ ۽ عورت کي شفا ڏيڻ
ڪهاڻيءَ کي پنهنجن لفظن ۾ بيان ڪرڻ لاءِ ٿورو وقت وٺو. اوهين ان کي وڏي آواز ۾ دهرايو يا ان کي لکو. جيڪڏهن اوهان کي ياد ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي تہ پوءِ ڪهاڻيءَ کي ٻيهر پڙهو يا ٻيهر ٻڌو.
جڏهن اوهان کي محسوس ٿئي تہ اوهين هن ڪهاڻيءَ کي پوريءَ طرح ڄاڻي چڪا آهيو تہ پوءِ ٿورو وڌيڪ وقت وٺو ۽ لکيل سوالن جي مدد سان ڪهاڻيءَ جو مطلب سمجھي سگھو.
Get Discovery Bible Studies on your phone
Discover copyright ©2015-2026 discoverapp.org
عام سنڌي ٻوليءَ ۾ پراڻو عهدنامو پهرين ڇپائي: 2007. عام سنڌي ٻوليءَ ۾ نئون عهدنامو پهرين ڇپائي: 1990, نظرثاني: 2021. عام سنڌي ٻوليءَ ۾ پراڻو ۽ نئون عهدنامو پهرين ڇپائي: 2021. © ڇپائيندڙ: پاڪستان بائيبل سوسائٽي انارڪلي لاهور 54000
Common Sindhi language Old Testament, First printing: 2007. Common Sindhi language New Testament, First printing: 1990. Common Sindhi language Old and New Testaments First Printing: 2022. © Pakistan Bible Society Anarkali, Lahore 54000