
هيٺ ڏنل ڪهاڻي پڙھو يا ٻڌو
1:3ڪجھہ سالن کان پوءِ يحيٰ بپتسما ڏيڻ وارو يهوديہ جي رڻپٽ ۾ منادي ڪندو پئي وتيو تہ 2 ”توبهہ ڪريو جو آسمان جي بادشاهي ويجھي آئي آهي.“ 3 يحيٰ اهو ئي هو جنهن لاءِ يسعياہ نبيءَ جي معرفت چيو ويو هو تہ
”رڻپٽ ۾ پڪارڻ واري جو آواز اچي ٿو تہ4 يحيٰ کي اُٺ جي وارن مان ٺهيل ڪپڙا پهريل هوندا هئا، کيس چيلهہ سان چمڙي جو پٽو ٻڌل هوندو هو ۽ سندس خوراڪ ماڪڙ ۽ جھنگلي ماکي هئي. 5هن وٽ يهوديہ صوبي، بلڪ ان جي شهر يروشلم کان توڙي اردن درياءَ جي چؤطرف وارن علائقن کان ماڻهو پئي آيا. 6انهن پنهنجا گناهہ پئي باسيا ۽ هن کين اردن درياءَ ۾ بپتسما ٿي ڏني.
7 يحيٰ جڏهن ڏٺو تہ ڪيترائي فريسي ۽ صدوقي بپتسما وٺڻ لاءِ اچي رهيا آهن، تڏهن انهن کي چيائين تہ ”اي نانگ جا ٻچؤ! اوهان کي ڪنهن ٻڌايو آهي تہ اوهين خدا جي ايندڙ غضب کان بچي سگھندا؟ 8اهڙا ڪم ڪريو جن مان خبر پوي تہ اوهان سچ پچ پنهنجن گناهن تي پڇتايو آهي. 9 ائين نہ سمجھو تہ اوهين ابراهيم جو اولاد هئڻ ڪري بچي ويندا. آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ خدا هنن پٿرن مان بہ ابراهيم لاءِ اولاد پيدا ڪري سگھي ٿو. 10 هاڻي تہ وڻن جي پاڙن تي ڪهاڙو تيار رکيو ويو آهي ۽ جيڪو وڻ سٺو ميوو نہ ڏيندو تہ ان کي وڍي باهہ ۾ اڇلائبو. 11آءٌ اوهان کي پاڻيءَ سان بپتسما ٿو ڏيان ان لاءِ تہ اوهان گناهن کان توبهہ ڪئي آهي. پر جيڪو مون کان پوءِ ايندو سو اوهان کي پاڪ روح ۽ باهہ سان بپتسما ڏيندو. آءٌ هن جهڙو نہ آهيان، هو قدرت وارو آهي. آءٌ سندس جتي کڻڻ جي لائق بہ نہ آهيان. 12هن کي پنهنجو ڇڄ هٿن ۾ آهي، جنهن سان هو پنهنجي ڳاهيل فصل کي چڱيءَ طرح صاف ڪندو. هو پنهنجي ڪڻڪ پنهنجي ڀانڊي ۾ انبار ڪندو، پر بُهہ کي اهڙيءَ باهہ ۾ ساڙي ڇڏيندو جيڪا ڪڏهن بہ نہ ٿي وسامي.“
عيسيٰ مسيح جو بپتسما وٺڻ
13پوءِ عيسيٰ گليل علائقي کان اردن درياءَ تي يحيٰ وٽ آيو تہ کانئس بپتسما وٺي. 14پر يحيٰ کيس منع ڪرڻ لڳو ۽ چيائينس تہ ”مون کي تہ پاڻ اوهان کان بپتسما وٺڻ گھرجي ۽ اوهين وري مون وٽ آيا آهيو؟“ 15تنهن تي عيسيٰ جواب ڏنس تہ ”فيالحال تہ منهنجي مڃ، ڇاڪاڻ تہ اهڙيءَ طرح اسين خدا جا سڀ فرض پورا ڪنداسين.“ پوءِ يحيٰ کيس بپتسما ڏيڻ قبول ڪيو.
16سو عيسيٰ جيئن ئي بپتسما وٺي پاڻيءَ مان ٻاهر آيو تہ هن لاءِ آسمان کُلي پيو ۽ خدا جو روح هڪ ڪبوتر وانگر هيٺ لهندي ۽ پاڻ تي ويهندي ڏٺائين. 17 پوءِ آسمان مان هڪ آواز آيو تہ ”هي منهنجو پيارو فرزند آهي ۽ آءٌ هن مان ڏاڍو خوش آهيان.“
29:1ٻئي ڏينهن تي يحيٰ عيسيٰ کي پاڻ ڏانهن ايندي ڏسي چيو تہ ”ڏسو، هي خدا جو گھيٽڙو آهي، جيڪو دنيا جا گناهہ کڻي وڃي ٿو. 30هي اهو ئي آهي جنهن بابت مون چيو هو تہ منهنجي پٺيان هڪ اهڙو شخص ٿو اچي جيڪو مون کان وڏو آهي، ڇاڪاڻ تہ هو منهنجي پيدا ٿيڻ کان اڳي ئي موجود هو. 31مون بہ اڳ ۾ کيس نہ ٿي سڃاتو. آءٌ پاڻيءَ سان بپتسما انهيءَ لاءِ ڏيندو آيس، تہ جيئن هو بني اسرائيل جي اڳيان ظاهر ٿئي.“
32 يحيٰ شاهدي ڏيندي چيو تہ ”مون پاڪ روح کي ڪبوتر وانگر آسمان مان لهندي ۽ مٿس ويهندي ڏٺو آهي. 33آءٌ تہ کيس سڃاڻي بہ ڪونہ سگھان ها، پر خدا جنهن مون کي پاڻيءَ سان بپتسما ڏيڻ لاءِ موڪليو آهي تنهن مون کي اڳ ۾ ئي چئي ڇڏيو هو تہ ’تون جنهن ماڻهوءَ تي پاڪ روح کي لهندو ۽ ويهندو ڏسين، سو ئي اٿيئي جيڪو ماڻهن کي پاڪ روح سان بپتسما ڏيندو.‘ 34هائو، آءٌ اهو سڀ ڪجھہ ڏسي هاڻي شاهدي ٿو ڏيان تہ هي ئي خدا جو فرزند آهي.“
عيسيٰ مسيح جا پهريان شاگرد
ڪهاڻيءَ کي پنهنجن لفظن ۾ بيان ڪرڻ لاءِ ٿورو وقت وٺو. اوهين ان کي وڏي آواز ۾ دهرايو يا ان کي لکو. جيڪڏهن اوهان کي ياد ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي تہ پوءِ ڪهاڻيءَ کي ٻيهر پڙهو يا ٻيهر ٻڌو.
جڏهن اوهان کي محسوس ٿئي تہ اوهين هن ڪهاڻيءَ کي پوريءَ طرح ڄاڻي چڪا آهيو تہ پوءِ ٿورو وڌيڪ وقت وٺو ۽ لکيل سوالن جي مدد سان ڪهاڻيءَ جو مطلب سمجھي سگھو.
Get Discovery Bible Studies on your phone
Discover copyright ©2015-2026 discoverapp.org
عام سنڌي ٻوليءَ ۾ پراڻو عهدنامو پهرين ڇپائي: 2007. عام سنڌي ٻوليءَ ۾ نئون عهدنامو پهرين ڇپائي: 1990, نظرثاني: 2021. عام سنڌي ٻوليءَ ۾ پراڻو ۽ نئون عهدنامو پهرين ڇپائي: 2021. © ڇپائيندڙ: پاڪستان بائيبل سوسائٽي انارڪلي لاهور 54000
Common Sindhi language Old Testament, First printing: 2007. Common Sindhi language New Testament, First printing: 1990. Common Sindhi language Old and New Testaments First Printing: 2022. © Pakistan Bible Society Anarkali, Lahore 54000