1:23اي خداوند! تون منهنجو ريڍار آهين،
سو مون کي ڪنهن شيءِ جي ڪمي ناهي.
2
تون مون کي ساون چراگاهن ۾ ويهارين ٿو.
تون مون کي راحت وارن چشمن وٽ وٺي وڃين ٿو.
3تون منهنجيءَ جان کي تازو ۽ توانو ٿو ڪرين.
پنهنجي نالي جي سچائيءَ موجب
تون مون کي سڌين واٽن تي وٺي ٿو هلين.
4توڙي جو کڻي
آءٌ موت جي پاڇي وارين وادين مان لنگھندس،
تڏهن بہ آءٌ ڪنهن کان ڪين ڊڄندس،
ڇوجو تون مون سان آهين.
هائو، تنهنجي لٺ ۽ لڪڻ منهنجي دلجاءِ جو سبب آهن.
5تو منهنجي دشمنن آڏو مون لاءِ دسترخوان وڇايو آهي.
تو مون کي معزز مهمان جيان مان ڏنو آهي،
۽ منهنجي پيالي کي ٽمٽار ڪيو اٿيئي.
6تنهنجي ڀلائي ۽ رحمت سڄي حياتي مون سان هونديون.
اي خداوند! آءٌ هميشہ تنهنجي گھر ۾ پيو رهندس.
قدم 2: پنهنجن لفظن ۾ ڪهاڻي بيان ڪري ٻڌايو
ڪهاڻيءَ کي پنهنجن لفظن ۾ بيان ڪرڻ لاءِ ٿورو وقت وٺو. اوهين ان کي وڏي آواز ۾ دهرايو يا ان کي لکو. جيڪڏهن اوهان کي ياد ڪرڻ ۾ ڏکيائي پيش اچي تہ پوءِ ڪهاڻيءَ کي ٻيهر پڙهو يا ٻيهر ٻڌو.
قدم 3: ڪهاڻيءَ جو مطلب معلوم ڪريو
جڏهن اوهان کي محسوس ٿئي تہ اوهين هن ڪهاڻيءَ کي پوريءَ طرح ڄاڻي چڪا آهيو تہ پوءِ ٿورو وڌيڪ وقت وٺو ۽ لکيل سوالن جي مدد سان ڪهاڻيءَ جو مطلب سمجھي سگھو.
هيءَ ڪهاڻي خدا جي باري ۾ اوهان کي ڇا ٿي ٻڌائي؟
هيءَ ڪهاڻي انسان ذات جي باري ۾ اوهان کي ڇا ٿي ٻڌائي؟
جيئن ته هي خدا جو ڪلام آهي، تہ پوءِ اوهان کي پنهنجي زندگيءَ ۾ ڪهڙي تبديلي آڻڻ گھرجي؟